Tharparkar Tourism

  • Home
  • Tharparkar Tourism

Tharparkar Tourism this page is to Promote tourism in Tharparkar District and promote beauty in Thar And to keep you aware of live status of Tharparkar

Mithi  🚨 Traffic Route Map 🗺️ on 14 August. ♥️مٺـي ۾ گھـمڻ لاء اينـدڙ سيــاھـن جـي لاء-13 - 14 - 15 ۽ 16 آگسٽ تـي ھـن رو...
11/08/2023

Mithi 🚨
Traffic Route Map 🗺️ on 14 August. ♥️

مٺـي ۾ گھـمڻ لاء اينـدڙ سيــاھـن جـي لاء-13 - 14 - 15 ۽ 16 آگسٽ تـي ھـن روٽ ميپ مطابق شھر ۾ داخل ٿيڻ ۽ گڍي ڀٽ کان ٻاھر نڪرڻ جو رستو ھن نقشي ۾ موجود آھ ٻـاھر کان آيل سمورن دوستن کي اپيل ٿي ڪجي تـ ضلعي انتظاميـ سان تعاون ڪن تـ جيئن رش ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ کان بچي سگھجـي.

Attention ‼️ 🚨
For Visitors ‼️

مٺـي ۾ گھـمڻ لاء اينـدڙ سيــاھـن جـي لاء-13 - 14 - 15 ۽ 16 آگسٽ تـي ھـن روٽ ميپ مطابق شھر ۾ داخل ٿيڻ ۽ گڍي ڀٽ کان ٻاھر نڪرڻ جو رستو ھن نقشي ۾ موجود آھ ٻـاھر کان آيل سمورن دوستن کي اپيل ٿي ڪجي تـ ضلعي انتظاميـ سان تعاون ڪن تـ جيئن رش ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ کان بچي سگھجـي

وسڪاري ۾ ٿر ڪيئن گهمجي خالد ڪنڀار ٿر جي ڏهرن تي وسندڙ گهاٽي مينهن جا منظر ،ڀٽن جي ٽونڪار تي ڪونڀٽ هيٺان ويهي، صرف ڌنار ئ...
01/08/2023

وسڪاري ۾ ٿر ڪيئن گهمجي

خالد ڪنڀار

ٿر جي ڏهرن تي وسندڙ گهاٽي مينهن جا منظر ،ڀٽن جي ٽونڪار تي ڪونڀٽ هيٺان ويهي، صرف ڌنار ئي ڏسي سگهيا آهن. وڻن ۾ ويٺل مورن جا ولر وسڪاري جي ڇنڊن ۾ پسندا آهن تـ انهن مورن جي ولرن جي ٽهوڪن جا آواز پوري ڏهر ۾ پيا گونجندا آهن. وسندي مينهن ۾ ڀٽن تان ريلا ڪري وهندڙ پاڻي مخصوص آواز ۽ انداز ۾ وهندو نئين جي شڪل اختيار ڪندو آهي . اها نئي وهندي وڃي انهي ڏهر جي وچ تي ترائي ۾ ڪرندي آهي. ڏسندي ئي ڏسندي ڪلاڪ اڌ ۾ نيون ترائي پلر جي پاڻي سان ڀري ڇڏينديون آهن. .ڀٽ تي ڪونڀٽ هيٺان ويٺل ڌنار جي جيڏانهن نگاه ويندي آهي اوڏانهن ڪو نـ ڪو پاڻي جو ريلو پيو وهندو ويندو آهي. چو طرف رڳو ننڍڙا ننڍڙا پاڻي جا ريلا پيا وهندا آهن. اهو ئي ڌنار ڀٽ تان ويٺي ويٺي جڏهن آسمان ڏانهن ڪڪرن ۾ ڏسندو آهي تـ اڇا ۽ ڪارا بادل پيا هڪ ٻي سان ڳراٽيون پائيندا ٽڪرائبا آهن.کنوڻين جا شيلا ۽ گوڙن جا ٺڪا ٿيندا آهن . مال وڻن جي اوٺ ۾ پيو پسندو آهي. ڪجهـ مال تـ وسندي مينهن ۾ بـ وڻ جي اوٺ وٺڻ بجاءِ پيو ڀڄندو آهي. وڻ ۽ پکي پيا مينهن ۾ پسندا آهن. اهو هڪ هڪ منظر ۽ آواز ڌنار جي اکين ۽ دماغ ۾ محفوظ ٿي ويندو آهي. ڌنار جي خيال ۾ مينهن جا ماما هلڻ شروع ڪندا آهن. کنڀيون زمين مان نڪري اينديون آهن .ڪي ڪي ٻڪرين جا ڌنار تـ انهي وسندي مينهن ۾ بـ ڪنڀٽ هيٺان ويهي بانسري وڄائڻ شروع ٿي ويندا آهن. ڍڳين جا ڌنار وري چنگ ۽ بورينڊو وڄائي وٺندا آهن .هوڏانهن مورن جي ٽهوڪن جو آواز هوندو آهي تـ هوڏانهن وري بانسري جو آواز پيو ڏهر ۾ گونجندو آهي. نئين جي وهڻ جو آواز بـ انهي آواز سان ملي ويندو آهي. اهي ڌنار چوندا آهن تـ جنهن مينهن کي ڀٽ جي ٽونڪار تان ڪنڀٽ هيٺان ويهي وسندي ناهي ڏٺو انهي کي برسات جي اصل منظرن جي ڪڏهن بـ خبر ڪونـ پئجي سگهندي. انهي ڪري اهو برسات تي سٺو نٿو ڳالهائي سگهي. انهي ڪري اوهين جيڪڏهن ڪنهن ڌنار کان پڇندا تـ وسڪاري جي وسندڙ مينهن ۾ ٿر ڪيئن گهمجي تـ هو اوهان کي صلاح ڏيندو تـ وسندڙ مينهن ۾ هڪڙي رات ۽ هڪڙو ڏينهن ڪنهن وڏي ڀٽ جي ٽونڪار تي گذاريو تـ اوهين وسڪاري جو ڀرپور مزو وٺي سگهو ٿا. باقي شهرن جي گيسٽ هائوسز جي اي سي ڪمرن ۾ رهندڙ ماڻهو برسات جو مڪمل مزو ڪڏهن بـ نٿا وٺي سگهن.
ڌنارن جون اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکندي جيڪڏهن پاڻ ٿر ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڏسون تـ گهڻو ڪري جيڪي سياح ٿر گهمڻ اچن ٿا انهن جي پهرئين منزل گڍي واري ڀٽ هجي ٿي. انهي پهرئين منزل تان هو صرف ۽ صرف مٺي شهر جو ڀٽ تان بيهـ منظر ڏسن ٿا. انهن جا ڦوٽو ڪڍي وائرل ڪندا رهن ٿا. اتان کان انهن جي ٻي منزل ننگر پارڪر شهر هجي ٿي. اتي وري شهر مان بيهـ ڪارونجهر جبل سان ڪجهـ ڦوٽو ڪڍائي هليا وڃن ٿا. اهي ٻـ منزلون گهڻن سياحن کي سڄو ٿر لڳنديون آهن . اهي واپس وڃي پنهنجي عزيزن ۽ يارن دوستن کي چندا آهن تـ اسين ٿر گهمي آياسين. پر هڪڙي ٿرئي کي خبر آهي تـ هڪڙي ڏينهن ۾ ڪڏهن بـ ٿر نٿو گهمي سگهجي. ٿر گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو پورو هفتو بـ گهٽ آهي.انهي هڪڙي هفتي ۾ پهريون ڏينهن مٺي شهر جو هجي جنهن ۾ مٺي جو شهر گڍي ڀٽ تان ڏسڻ کانسواءِ اندر شهر ۾ کوڙ سار مندر آهن اهي ڏسجن. مٺي جي بازار جو هڪڙو چڪر هڻجي. انهي کانسواءِ پاسي واري شهر چيلهار جي سڀ کان وڏي ترائي راڻاسر تي وڃجي. پر انهي لاءِ چيلهار شهر جا مشهور ڀڄيا ضرور وٺي وڃجن. جيئن اسان اترئين علائقن ۾ مختلف ڍنڍن تي ويندا آهيون ۽ ڏيپلي روڊ تي پاٻوهر جي ترائي تي گهمڻ وڃجي. اهي ٻئي مٺي شهر جي ڀرسان گهمڻ جهريون پوائينٽ آهن. انهي ۾ جيڪڏهن ڪو دوست فيملي سان گهمڻ آيل آهي تـ انهي کي رستي تان لهي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي چوئنري واري اوطاق ۾ ويهڻ کپي انهن گڏ آيل عورتن کي هڪڙي گهر ۾ وڃڻ کپجي جيئن اها سنڌ جي اصل ڳوٺاڻي زندگي کي ويجهي کان ڏسي سگهي . اتان جي ڪلچر سان ملي سگهي. هن جي الهي ڪلهي پاتل چوڙا ڪنجري گج پڙو پولڪو ڏسي سگهي جيڪا سدائين ڦوٽن ۾ ڏسندي رهي ٿي. انهي عورتن کي پاتل چاندي ۽ سون جا ڳيهـ ڏسي سگهي جيڪي هاڻ سنڌ مان گم ٿيندا پيا وڃن. انهي گهر ۾ جيڪو کير ولوڙڻ جو ولوڻو پيو آهي. انهي تي ويهي ڏسي. هڪڙي پوري ٿر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري . مرد وري چوئنري واري اوطاق ۾ ٿوري دير کرڙ تي ويهن. ڏاس وٽيندڙ پوڙهي سان ٿوري ڪچهري ڪن تـ کوه ۾ ورت ڪيئن واربي آهي. جيستائين هو وسڪاري ۾ ٿر جي ڳوٺاڻي زندگي کي ويجهي کان نـ ڏسندا تيستائين اهو نٿا چئي سگهن تـ اسين ٿر گهمي آيا آهيون. ٻيو ڏينهن اسلام ڪوٽ جو هجي جتي شهر ۾ ننڍڙي ميوزيم کانسواءِ هنن کي نيڻون رام آشرم تي بـ وڃڻ کپي . جتي آشرم سنڀاليندڙ روز مڻن جي حساب سان پکين کي داڻون ڏين ٿا ۽ جانورن جي گاه پٺي جو بندوبست ٿيل آهي. ڪنهن زماني ۾ تـ ڏڪارن ۾ جڏهن مال بئراج ڏانهن ويندو هو تـ انهي مال کي پاڻي صرف اتي ئي ملندو هو. هن آشرم ۾ اڄ بـ سوين ماڻهو مسافر آشرم جي خرچ تي ماني کائن ٿا. اتان کان ٿي ڪا فور ويل گاڏي ڪرائي تي ڪري چڀڙيال ۽ مانڊياڪر واري پاسي رڻ ڏانهن هليا وڃن. مانڊياڪر واري ڀٽ تان رڻ جا منظر ڏسڻ جهڙا آهن.جنهن جا ڪيترائي ڦُوٽو حاجي محمد ڀوپي ڪنڀار ڏينهن رات محنت ڪري ڪڍيا آهن جيڪي هن جي فيس بڪ وال تي موجود آهن. اڃان هڪڙو ٻيو رستو آهي. جنهن تي ٻانڀڻ ٽوڀي جو ڳوٺ ئي رڻ جي ڪنڌي تي آهي. اهو منظر بـ رڻ جو واه جو آهي.ويهارو سال اڳ ۾ مون اهو منظر ڏٺو هو پر اڄ بـ وساري ناهيان سگهيون. ڪيئن نـ گهرن جي اڱڻ اڳيان رڻ وڇايو پيو هو جهڙو ڪر رڍن جي ان مان ڪنهن ڪپڙو اڻي وڇائي ڇڏيو هجي. اتي ٿي سگهي ٿو اوهان کي ٿر جي ڪجهـ ڳوٺن ۾ بئراج وارا فصل بـ ٽيوب ويلس تي پوکيل ملي وڃن. اسلام ڪوٽ ۾ جيڪڏهن برسات وسندڙ آهي تـ اوهان هڪڙي رات ڪو ٽئنٽ هڻي ڀٽ تي رڻ جي ڪنڌي تي گذاريو ۽ هڪڙو ڏينهن ٽئينٽ هڻي ڪنهن ڏهر جي سڀ کان وڏي ڀٽ تي ضرور گذاريو جيڪڏهن رات چانڊوڪي آهي تـ رڻ ۽ ڏهر ٻئي اوهان کي وڏو مزو ڏيندا آهن.اوهان پنهنجي پوري زندگي انهي رات ۽ انهن منظرن کي نٿا وساري سگهو. ٻـ ڏينهن پورا ننگر پارڪر جا هجن. جنهن ۾ ڪارونجهر جبل سڄو جو سڄو چوڙيو بڙ تلاءِ جهڳليو ۽ ٻيا اوسا پاسا ڏسي سگهو . اتي رٻارين سان بـ ملو تـ ڪولهين سان بـ ملو. جي ٿي سگهي تـ ڪنهن ڪولهي عورتن ۽ مردن جي ٽولي سان راسوڙي تي ڊانس ڪريو.چروڙي تي ناچ ڪريو. ڦيري واري ڊانس ۾ اوهان ڪولهڻيون ۽ ڪولهي اتي انهي انسان جي جهنگلي دور ۾ واپس وٺي ويندا. ورندي جيڪڏهن مٺي مان نهٽي وارو رستو وٺو تـ ٿر جي آخري ڀٽ نهٽو آهي. انهي جوڳين واري ڀٽ تان بيهـ جيڪڏهن اوهان بئراج ڏانهن نگاه ڪندا جيستائين اوهان جي نگاه وڃي سگهي ٿي اوستائين رڳو بئراج جو سائو پٽ وڇايو پيو هوندو بئراج کي انهي اوچي ڀٽ تان بيهـ ڏسڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. هن وقت هاڪڙي درياءِ ۾ بـ پاڻي آهي. جيڪو انهي آخري ڀٽ جو پاسو ڏئي گذري ٿو. اتان اوهين هاڪڙو درياءِ بـ ڏسي سگهو ٿا. اتي چنيسر داسڙي جي وزير جکري جو محل ڀڙي جي شڪل ۾ آهي. جيڪو هاڪڙي جي ڪپ تي آهي. اتي اوهين ميوهر واري ڀٽ تي بيهـ ميوهر وارو ڏهر بـ ڏسي سگهو ٿا ستين جي ترائي بـ ڀري پئي آهي. جنهن نهٽي وٽان ٿر ۽ بئراج جو سنگم نـ ڏٺو انهي ڪجهـ نـ ڏٺو. اتان نئون ڪوٽ پنڌرنهن ڪلو ميٽر آهي. اتي نئوڪوٽ قلعو گهمي واپس اچي سگهو ٿا. اهو سڀ هڪڙي روٽ جي ڳالهـ ڪريان پيو. اڃان عمرڪوٽ ۽ ڪلوئي وٽان جيڪي رستا ٿر ۾ داخل ٿين ٿا. انهن جو منظر الڳ آهن. ٿر اهڙو سهڻو آهي. جنهن جي هر ڀٽ ۽ هر ڏهر هڪڙو الڳ الڳ منظر آهي.بس آخري ڳالهـ جيڪڏهن ٿريا سياحت مان ڪمائڻ نٿا چاهن تـ مارڪيٽ موجود آهي ڪوئي ٻيو اچي ڪمائيندو پوءِ رڙيون ڪندا هن وقت ٿر جي سيٺن کي هنن چئن مهنن جي ڪمائي تي وڏي ۾ وڏي انويسٽ ڪرڻ کپي هوٽلنگ کان وٺي ٽوئريسٽ گائيڊ تائين. ڀلاءِ جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو پنج سئو ٽينٽ وٺي ننگر ۾ هي چار مهينا ٽينٽ هوٽل لڳائي تڏهن بـ ڀلو آهي.

29/07/2023

Thar ♥️

Mithi 🙌
25/07/2023

Mithi 🙌

23/07/2023
Explore the Beauty of Nagarparkar, Sindh📷 Karoonjhar Photography Sindh Tourism Development Corporation STDC
23/07/2023

Explore the Beauty of Nagarparkar, Sindh

📷 Karoonjhar Photography Sindh Tourism Development Corporation STDC

  ♥️Bhodesar Mosque ♥️https://maps.app.goo.gl/sKoYNXxHLQgCFS5e9?g_st=ic
22/06/2023

♥️

Bhodesar Mosque ♥️

https://maps.app.goo.gl/sKoYNXxHLQgCFS5e9?g_st=ic

everyone! Bhodesar Mosque is situated near the Bhodesar water reservoir at the base of the Karoonjhar Mountains in Nagarparkar, Thar (Sindh). it was built by Nasir-ud-Din Mahmud Shah of Gujarat in 1505 A.D. and its structure is based on Hindu and Jain architecture?

📷of Bhodesar Mosque by Jahnzaib Qadir.


Mithi ♥️
21/06/2023

Mithi ♥️

Beautiful view of Gadhi Bhit and Mithi City, Tharparkar♥️

Photo credit: Ayaz Chandio

12/06/2023

15/07/2022

Address


Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Tharparkar Tourism posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Travel Agency?

Share