04/09/2024
پري ميڊيڪل ۽ ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جي شاگردن ۾ مقبول تنظيم ميڊبائيو (MedBio) جي ٽيسٽنگ سروس "ميڊبائيو ٽيسٽنگ سروس " (MedBio Testing Service - MBTS) پاران مٺي شھر ۾ 8 سيپٽمبر 2024 تي روان سال ٿيندڙ ميڊيڪل ڪاليجز انٽري ٽيسٽ جي تياري پرکڻ لاءِ ھڪ خود تشخيص ٽيسٽ/ سيلف اسيسمينٽ ٽيسٽ (Self-Assessment Test) رکي وئي آھي.
ميڊ بائيو ٽيسٽنگ سروس جي اھا ٽيسٽ روان سال 2024 ۾ پوري سنڌ ۾ پنجن وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، عمرڪوٽ ۽ مٺي ۾ ورتي پئي وڃي.
ھن ٽيسٽ جي رجسٽريشن فيس صرف 300 روپيا آهي جنھن ۾ شاگردن کي ٽيسٽ ۽ سينٽر تي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. مٺي ٿرپارڪر شھر ۾ اھا ٽيسٽ ٻڌايل تاريخ تي المھراڻ ھائير سيڪنڊري اسڪول مٺي ۾ ورتي ويندي.
ھن ٽيسٽ ۾ رجسٽريشن جي لا۽ اسان سان واٽسپ ميسيج يا سم ڪال جي ذريعي رابطو ڪيو. اسانجو آفيشل نمبر ھي آھي: 03262006695.
ھن ٽيسٽ جو مقصد ميڊيڪل ڪاليجز انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪندڙ شاگردن کي ھڪ اھڙو موقعو فراھم ڪيو وڃي جنھن ۾ ھو اصل ميڊيڪل ڪاليجز انٽري ٽيسٽ جي تياري پرکي سگهجن، پنھنجين ڪمزورين جي شناخت ڪري اصل ٽيسٽ ۾ انھن کي وري نه ڪن، ٽيسٽ کي ھڪ مخصوص ٽائيم جي اندر حل ڪرڻ جي ورزش، پنھنجي پاڻ تي اعتماد حاصل ڪري اصل ٽيسٽ ڏانھن وڃن.
ياد رھي ته، ميڊبائيو ٽيسٽنگ سروس جو ھي مسلسل ٽيون سال آھي جنھن ۾ ھر سال ميڊبائيو تنظيم جي پاران آنلائن ۽ گرائونڊ ليلوک تي تياري ڪرائي ز ٽيسٽون ڪرايون وينديون آهن.
پوئين سال ساڳي ٽيسٽ گھوٽڪي ۾ ڪرائي هئي.
ٿرپارڪر جي تعلقن ڇاڇرو و ڏاھلي ۾ پوئين سال ھڪڙي جنرل سيلف اسيسمينٽ ٽيسٽ به اسان ڪرائي هئي جنھن ۾ 1428 شاگردن ان ٽيسٽ جي لا۽ پنھنجي پاڻ کي رجسٽر ڪيو.