Jameel’s Travel

Jameel’s Travel Purpose of my page is to promote my Youtube Channel called Jameel’s Travel

Istanbul’s world famous delicious Sehzad Cag Kebop.استنبول جا مشهور ڪباباستنبول کے مشھور کباب
11/19/2022

Istanbul’s world famous delicious Sehzad Cag Kebop.
استنبول جا مشهور ڪباب
استنبول کے مشھور کباب

Sehzade Cag Kebop (Istanbul’s best famous Kebop). July 2022

At Manora Beach Karachi, Pakistan
08/07/2022

At Manora Beach Karachi, Pakistan

The Alaaddin Mosque or Yivli Minare Mosque (literally: "Fluted Minaret" Mosque), commonly also called Ulu Mosque (Turkis...
08/01/2022

The Alaaddin Mosque or Yivli Minare Mosque (literally: "Fluted Minaret" Mosque), commonly also called Ulu Mosque (Turkish: Ulu Cami, "Grand Mosque") in Antalya is a historical mosque built by the Anatolian Seljuk Sultan Alaaddin Keykubad I. It is part of a külliye (complex of structures) which includes the Gıyaseddin Keyhüsrev Medrese, Seljuk and Dervish lodge, and the vaults of Zincirkıran and Nigar Hatun.
(Wikipedia)

Ancient Harbour/Old Marina/Yat Limani Antalya Turkey. This harbour was originally built about 2000 years ago in Roman Em...
08/01/2022

Ancient Harbour/Old Marina/Yat Limani Antalya Turkey. This harbour was originally built about 2000 years ago in Roman Empire.

Hadrian's Gate or Üçkapılar ("The Three Gates" in Turkish) is a triumphal arch located in Antalya, Turkey, which was bui...
08/01/2022

Hadrian's Gate or Üçkapılar ("The Three Gates" in Turkish) is a triumphal arch located in Antalya, Turkey, which was built in the name of the Roman emperor Hadrian, who visited the city in the year 130 (Roman Empire). It is the only remaining entrance gate in the walls that surround the old city and harbor.

Kaleici (Kaleji) beautiful old town of Antalya Turkey
08/01/2022

Kaleici (Kaleji) beautiful old town of Antalya Turkey

Konyaaltı Plajları Beach, Antalya-Turkey
08/01/2022

Konyaaltı Plajları Beach, Antalya-Turkey

Dudan Waterfall Antalya Turkey with my son Sarang Ahmed, uncle Muhammad Farooque and cousin Fardeen Nizamani on July 21,...
08/01/2022

Dudan Waterfall Antalya Turkey with my son Sarang Ahmed, uncle Muhammad Farooque and cousin Fardeen Nizamani on July 21, 2022.

Antalya, Turkey
08/01/2022

Antalya, Turkey

قديم يونان ۽ بعد ۾ رومن امپائر جي زماني جا 1000 قبل مسيح کان 129 عيسوي جو شهر افيسس ۽ آرٽيمس ٽيمپل جا آثار جيڪي دنيا جي ...
07/22/2022

قديم يونان ۽ بعد ۾ رومن امپائر جي زماني جا 1000 قبل مسيح کان 129 عيسوي جو شهر افيسس ۽ آرٽيمس ٽيمپل جا آثار جيڪي دنيا جي قديم 7 عجوبن مان هڪ آهي. ترڪي جي سيلجوڪ ٽائون جي پاسي ۾ هي آثار آهن.

Ruins of Ephesus and Temple of Artemis (one of the 7 wonders of ancient world) in Selcuk (Seljuk) town of Izmir area of Turkey. This is an amazing amazing historic site. Through a guide we learnt lot of details about this ancient city.

Ephesus was a city in ancient Greece on the coast of Ionia, 3 kilometres (1.9 mi) southwest of present-day Selçuk in İzmir Province, Turkey. It was built in the 10th century BC on the site of the former Arzawan capital by Attic and Ionian Greek colonists. During the Classical Greek era, it was one of twelve cities that were members of the Ionian League. The city came under the control of the Roman Republic in 129 BC.

https://en.m.wikipedia.org/wiki/Ephesus

https://en.m.wikipedia.org/wiki/Temple_of_Artemis

House of Virgin Marry (as per Gospel and Christianity) near Selcuk (Seljuk) town of Izmir area Turkey.چون ٿا ت حضرت عيسا...
07/22/2022

House of Virgin Marry (as per Gospel and Christianity) near Selcuk (Seljuk) town of Izmir area Turkey.

چون ٿا ت حضرت عيسا عليه السلام جي ماء بيبي مريم پنهنجي زندگي جا آخري ڪجه سال ترڪي جي ازمير واري علائقي جي سيلجوڪ ٽائون ڀر ۾ جبلن جي اوچائي تي هن گهر ۾ گذاريا هئا جيڪو هاڻ ننڍڙو چرچ آهي. اتي چشمي جو پاڪ پاڻي ب پيئڻ لاء هو.

استنبول جي گرينڊ بازار جنهن کي دنيا جو پهريون ڍڪيل شاپنگ مال ب چون ٿا. هن بازار جي 1455 کان شروعات ٿي 1730 ۾ وڃي آخري حص...
07/22/2022

استنبول جي گرينڊ بازار جنهن کي دنيا جو پهريون ڍڪيل شاپنگ مال ب چون ٿا. هن بازار جي 1455 کان شروعات ٿي 1730 ۾ وڃي آخري حصو مڪمل ٿيو.

استنبول ترڪي جون هون ت سڀ پراڻيون مسجدون ڀليون پر مون کي هن  Beyazit Mosque ۾ڏاڍو مزو آيو جيڪا 16 صدي ۾ تعمير ٿي هئي.
07/21/2022

استنبول ترڪي جون هون ت سڀ پراڻيون مسجدون ڀليون پر مون کي هن Beyazit Mosque ۾ڏاڍو مزو آيو جيڪا 16 صدي ۾ تعمير ٿي هئي.

Taksim Square, Istklal Streeet, and Galata Tower Istanbul Turkey
07/21/2022

Taksim Square, Istklal Streeet, and Galata Tower Istanbul Turkey

Istanbul Turkey tour of Bosphorus (which divides Europe and Asia) and Golden Horn.
07/21/2022

Istanbul Turkey tour of Bosphorus (which divides Europe and Asia) and Golden Horn.

The Blue Mosque in Istanbul, also known by its official name, the Sultan Ahmed Mosque (Turkish: Sultan Ahmet Camii), is ...
07/21/2022

The Blue Mosque in Istanbul, also known by its official name, the Sultan Ahmed Mosque (Turkish: Sultan Ahmet Camii), is an Ottoman-era historical imperial mosque located in Istanbul, Turkey. A functioning mosque, it also attracts large numbers of tourist visitors. It was constructed between 1609 and 1616 during the rule of Ahmed I.
(Wikipedia)

استنبول، ترڪي جي جڳ مشهور جڳه  ‘آيا صوفيا’. اڄ کان ڪوئي 1600 سال اڳ چوٿين سدي عيسوي ۾ هي بيزنتائين امپائر جي زماني ۾ بطو...
07/16/2022

استنبول، ترڪي جي جڳ مشهور جڳه ‘آيا صوفيا’. اڄ کان ڪوئي 1600 سال اڳ چوٿين سدي عيسوي ۾ هي بيزنتائين امپائر جي زماني ۾ بطور مرڪزي چرچ هئي. بعد ۾ 1453 عيسوي ۾ مسلمانن جڏهن قسطنطنيا (استنبول) فتح ڪيو ت هن کي مسجد ڪيو ويو. وري خلافت عثمانيا جي ختم ٿيڻ کان پوء 1930 ۾ هن کي ميوزيم بڻايو ويو. هاڻ تازو 2020 ۾ هن کي هڪ دفعو ٻيهر مسجد بڻايو ويو آهي. هن جڳه کي ڏسڻ لاء هر وقت هزارين ماڻهن جون قطارون هونديون آهن!

07/16/2022

آيا ارين چرچ استنبول

بيزنتائين امپائر (اوڀرندي رومن امپائر) جي زماني ۾ 337 عيسوي يعني اڄ کان تقريبن 1700 سال اڳ جڙي راس ٿيو هو. تاريخ ۾ لکيل آهي ت 1453 عيسوي ۾ جڏهن مسلمانن قسطنطنيا (استنبول) فتح ڪيو ت ڪافي چرچن کي مسجدن ۾ تبديل ڪيو ويو هو. هي ڪجه بچي ويل انهن چرچن مان آهي جنهن کي مسجد ۾ تبديل ڪون ڪيو ويو هو. بعد ۾ هن چرچ کي بطور اسلحا خاني جي استعمال ڪيو ويو.
هن چرچ بابت وڌيڪ معلومات هن لنڪ ۾ پڙهي سگهجي ٿي.

https://en.m.wikipedia.org/wiki/Hagia_Irene

City of Calgary covered in trees, Alberta, Canadahttps://youtu.be/XRmnGrup81g
06/11/2022

City of Calgary covered in trees, Alberta, Canada
https://youtu.be/XRmnGrup81g

Calgary beautiful city covered in trees, Alberta, Canada

https://youtu.be/oZaNkUaz6MM
04/06/2022

https://youtu.be/oZaNkUaz6MM

Kananskis Country, Alberta, Canada.A beautiful provincial Park on Highway 40 between Calgary and Banff.

https://youtu.be/KpoYFBUEQKA
03/27/2022

https://youtu.be/KpoYFBUEQKA

Exploring Barrier Lake at Kananaskis Country, Alberta Canada. Note: In commentary by mistake I am calling this lake as Barrie lake but actually it’s right na...

02/09/2022

ڪينيڊا جا اوائلي ڏينهن ۽ قصو هڪ جرمن نزاد خاندان جو …

مون ڪينيڊا اچڻ کان پوء ٽورنٽو شهر ۾ جنهن ڪمپني ۾ پهريان ٽي سال نوڪري ڪئي ان جو مالڪ هڪڙو جرمن نزاد جهونون همراه هو جنهن جون 2 شاديون ٿيل هيون. پهرين زال هُن جي جواني ۾ غُربت وارن ڏينهن ۾ ڏکڻ آمريڪا جي سوشلسٽ ملڪ وينزويلا جي هڪڙي ڳوٺ جي غريب خاندان سان واسطو رکندڙ پر هڪ سوشلسٽ خيالن واري مائي هئي جنهن مان کيس هڪڙو پُٽ جو اولاد ٿيو. اڳتي هلي جرمن همراه جيڪو نج سرمائيداران سوچ جو هو انهي جي پنهجي سوشلسٽ خيال رکندڙ زال جنهن جي پئسي سان ايتري دلچسپي ڪان هئي انهي ڪري انهن جو پاڻ ۾ ٺاه ڪون ٿي سگهيو سو نيٺ انهي کي اهو چئي طلاق ڏئي ڇڏي ت جيسين تون مونسان گڏ هوندي آئون زندگي ۾ سرمائيدار ڪون ٿي سگهندس. حالانڪ انهي جي وينزويلن زال پنهجي جرمن مڙس تي عاشق هئي پر همراه ان جو قدر ڪون ڪيو.

اڳتي هلي ان جرمن همراه وري هڪ ٻي مائي سان شادي ڪئي جيڪا خد جرمن نسل جي پر همراه کان ب وڌيڪ سرمائيدارانا سوچ جي مالڪ هئي. سو همراه سوچيو ت انهي سان شادي ڪندس ت اسان ٻئي هڪڙي سوچ وارا هوندي دنيا ۾ وڏو پئسو ڪمائي سرمائيدار ٿي وينداسين. ۽ اهين ئي ٿيو انهن شروعات ۾ هڪڙي ننڍڙي ڪمپني کولي جنهن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ب صرف اهي ٻ زال مڙس ئي هئا. زال مڙس ٻنهي گڏجي ڏينهن رات محنت ڪئي، اها ڪمپني وڌي وڏي ٿي وئي، پوء ٻي ڪمپني ۽ ٻيا ڪاروبار اهين نيٺ اهو جوڙو امير بڻجي وڏو سرمائيدار ٿي ويو. انهن کي هڪ ڌي جو اولاد ب ٿيو.

آخر ۾ اهو جرمن همراه جڏهن جهونون ٿي ويو ت سندس سرمائيدار زال هن کي چيو ت هاڻ آئون توسان گڏ وڌيڪ نٿي رهي سگهان. اهين چئي همراه کان طلاق ورتو ۽ هتي جي قانون موجب ڪاروبار جو اڌ ۽ هن جي زاتي ملڪيت مان ب اڌ کان مٿي ملڪيت وٺي همراه کي پيري ۾ اڪيلو ڇڏي الڳ ٿي وئي. جنهن تي هڪ ڏينهن شام جو ان جهوني سان ڪچهري ۾ ويٺو هئس ت ان جهوني پنهجي اکين ۾ پاڻي آڻيندي چيو ت آئون اڄ پنهجي پهرين گهر واري کي ڏاڍو ٿو مس ڪريان. جڏهن مون وٽ پئسو ڪون هو تڏهن آئون پئسن ڪمائڻ جي مقصد خاطر مون هُن کي ڇڏي ڏنون هو پر اڄ جڏهن آئون ڪمپنين جو مالڪ آهيان مون وٽ کوڙ پئسا ۽ ٻي دولت آهي ت منهجي ٻي گهر واري وري مونکي هن عمر ۾ اڪيلو ڇڏي طلاق وٺي وئي آهي!

جهوني جي جرمن زال جو ب اڃا اسان واري انهي ڪمپني جنهن ۾ آئون ڪم ڪندو هئس انهي ۾ ڪو حصو هئس سو ڪڏهن ڪڏهن اتي ب ايندي هئي ۽ مونکي اها ب ڀائيندي هئي. اڪثر آفيس ختم ٿيڻ کان پوء پنهجي گاڏي ۾ ٽرين اسٽيشن تي ڇڏڻ لاء ڪار ۾ ويهاري پهرين گس تان ڪافي جا ٻ ڪپ وٺي هڪ پاڻ پئيندي هئي ٻي مونکي پياريندي هئي. چوندي هئي ت تو وٽ اگر ٽائيم هجي ت رستي ۾ هلي هڪڙو خوبصورت پارڪ آهي اتي پاڻي ۾ بدڪون پيون هلن اتي ٿوري گڏجي واڪ ڪريون. آئون ب واندو پوء پيو جهونِي سان گڏ واڪ ڪندي حوال ڪٽيندو هئس. هو مونکي پنهجي زندگي جا قصا ٻڌائيندي هئي ۽ آئون وري پنهجي ڳوٺ ۽ ملڪ جا قصا. هڪڙي ڏينهن هن چيو ت منهجي ڌي جا ڪم ت ڏس جو اڃا پنهجي بواء فرينڊ سان گڏ رهندي پنج سال ئي مس ٿيا آهنس جو هاڻ سان ئي ٿي ان سان شادي ڪري! مون گهڻئي سمجهايو اٿمانس ت اڃا هڪ ٻي کي صحيح نموني سمجهو ت صحيح! جنهن تي مون کيس چيو اسان واري ڪلچر ۾ ڊيٽنگ ت ڇا گهوٽ ڪنوار هڪ ٻي جو زندگي ۾ پهرين چڪر مونهن ب شادي جي رات لانئون لهندي آرسي ۾ ڏسندا آهن. پوء کٽي ٻنهي جي قسمت ت ڪير ڪنهن جي لاء ڪهڙو ٿو نڪري!

ان جرمن جهوني جو پهرين زال وارو پٽ اسان واري ڪمپني جا معاملات هلائن وارو اڳواڻ هو، ۽ سندس ٻي زال مان ڌي ب انهي ساڳين ڪمپني ۾ مٿي پوزيشن تي هوندي هئي پر هن ڀاء ڀيڻ جي پي ساڳيون هوندي ب پر مائرون الڳ هوندي سندن شخصيتون الڳ الڳ هيون. 2008 -2009 ۾ جڏهن دنيا ۾ معاشي بحران آيو هو ت ان وقت مجبورن اسان جي ان ڪمپني کي پنهجا کوڙ سارا ملازم ڪڍڻا پيا. پر جيڪي ملازم ڪڍيا هُن انهن کي ان وقت ڪمپني جي اڳواڻ جيڪو انهي جرمن همراه جي پهرين وينزويلا واري زال مان پٽ هو انهي سڀني ملازمن کي چيو ت اوهان کي ٽي مهينا گهر ويٺي پگهار ۽ ٻيون سڀ سهولتون پوريون ملنديون اوهان اڄ کان آفيس ن اچو بلڪ وڃي پنهجي لاء ڪا ٻي نوڪري ڳوليو. انهي وچ ۾ اگر ڪنهن ملازم کان ڪو ٿورو گهڻون هنن ڪم ورتو ٿي ت انهي جا وري الڳ سان پئسا ٿي ڏنا. حالانڪي هتي جي قانون موجب ڪمپني جو مالڪ وڌ ۾ وڌ پنهجي ملازمن کي ڪڍڻ وقت هڪ هفتي جي پگهار ڏيڻ جو مجاز هو.

جئين ت منهجي هن سڄي فيملي سان ڏاڍي سٺي دعا سلام هئي ۽ ڪافي کُلي ڪچهري ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن انهي ڪمپني اڳواڻ جهوني جو پٽ مونکي آفيس مان ٽرين اسٽيشن تي پنهجي گاڏي ۾ ڇڏڻ لاء آيو پئي ت مون کائنس کان پڇيو ت اوهان ڀلا ايڏي دريا دلي ڪري سڀني ملازمن کي يڪا ٽي مهينا گهر ويٺي بغير ڪنهن ڪم ڪرائڻ جي ٿا پگهار ڏيو اها ڳاله ت تمام سٺي آهي پر مونکي اها ڳاله سمجه ۾ ڪان آئي ڇو جو ڪينيڊا ۾ اهين عام طور ٿيندو ڪونهي! انهي تي هن همراه جواب ڏنون ت مون ۾ پنهجي پيء جي طرفان دماغ ت سرمائيداراڻون آهي پر پنهجي وينزويلن ماء جيڪا اڄ ب وينزويلا جي هڪڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿي جنهن وٽ آئون اڪثر چڪر هڻندو رهندو آهيان ۽ اتان جي غربت وارو ماحول ڏسي منهجي دل سوشلسٽ آهي سو آئون پنهجي ڪمپني جي ملازمن کي اهين نوڪري مان ڪڍي کين بي روزگار ٿيندي ن ٿو ڏسي سگهان. ان لاء کين اهي ٽي مهينا کين گهر ويٺي پگهار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو اٿم ت انهي وچ ۾ کين ڪٿي ٻي هند ڪا نوڪري ملي وڃي. مونکي ب انهن ٽن مهينن دواران ڪينيڊا جي شهر ڪيلگري ۾ ٻي نوڪري ملي وئي ۽ آئون اتي شفٽ ٿي ويس.

Beautiful sky over Calgary, Canada today!
02/07/2022

Beautiful sky over Calgary, Canada today!

ميلو ميلو ميلو - سانوڻ فقير جو ميلو!هر سال جيان اڄ ڪله وري فيبروري جي پهرين هفتي ۾ ضلع بدين ۾ ماتلي ڦلڪارا روڊ تي سنڌ جي...
02/05/2022

ميلو ميلو ميلو - سانوڻ فقير جو ميلو!

هر سال جيان اڄ ڪله وري فيبروري جي پهرين هفتي ۾ ضلع بدين ۾ ماتلي ڦلڪارا روڊ تي سنڌ جي نڙ بيتن جي مشهور شاعر سانوڻ فقير جي ياد ۾ هي ميلو لڳندو پيو اچي. هي ميلو اڳوڻون ميمبر سنڌ اسيمبلي مرحوم بشير هاليپوٽو لڳائيندو هو. هاڻ ان جي وفات کان پوء شايد سندس ناٺي ۽ پٽ لڳائين ٿا. پر هي ميلو لاڙ سنڌ جي ڀلن ميلن مان هڪ وڏو عاليشان ميلو 3 ڏينهن هلي ٿو جنهن کي پهرين، ٻي، ۽ ٽين ڌمال چون. جتي هر سال لکن جي تعداد ۾ ماڻهون اچن ٿا. ميلي جي انهن ٽن ڏينهن لاء تنبن جي ڇانو ۾ هي ڄڻ هڪ مڪمل عارضي شهر اڏجي ٿو. جنهن ۾ خوبصورت گلن سان سينگاريل بازارون جنهن ۾ هر قسم جا دڪان خاص طور مٺائي ۽ ڪشمش جا دڪان ت واه جا سينگاريل هوندا آهن، هوٽلون، موت جا کوه، سرڪس، ٻن مونهن واري بلا، ڳورپٽ، جادوگر، ٻارن جا چيڪلا، گهوڙن ۽ اُٺن جي ڊوڙ، ملاکڙو، وڏيرن جون اوطاقون، مال جو واپار، رڇ ڪتن جي ويڙه کان ويندي مشهور زمانا لاهوتي شربت ب هوندي آهي جيڪا بقول ڪنهن دوست جي هن منهگائي واري دور ۾ اڄ ب ڏه رپيا گلاس آهي ۽ لائوڊ اسپيڪرن تي سندس آواز ايڏو ت وڏو هوندو آهي جو ميلي کان ميل پري ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ت اچو اچو لاهوتي شربت پيئو. او ادا، او ڀائو، او چاچا پٽڪي وارا هيڏي اچ تڪڙو اچ جلدي اچ لاهوتي شربت جو گلاس پي نيڻ ٺار، ڏه رپيا گلاس ڏه روپيا گلاس!

جيتوڻيڪ آئون ت هن سانوڻ فقير جي ميلي کان 15000 ڪلو ميٽر پري دنيا جي گولي جي هُن پار ڪئنيڊا جي هڪ برفاني علائقي ۾ ڪاٽو 20 ڊگري ۾ پنهجي گهر ۾ ئي بند لڳو پيو آهيان پر اهو محسوس ڪري سگهان پيو ت هن وقت لاڙ سنڌ، خاص طور ڦلڪارا ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۽ ڳوٺن ۾ هر ننڍي، وڏي، پوڙهي، پڪي، سوزوڪي، بس، چنگچي، ڊاٽسن، ۽ موٽرسائيڪل واري جي زبان تي اهو ئي هوندو ت ميلو ميلو ميلو! مطلب ت هلو هلو ميلي تي، ننڍا وڏا ميلي تي، پوڙها پڪا ميلي تي، چاچا ماما ميلي تي، سائين منهجا ميلي تي!

مون اهو ميلو ننڍي هوندي اسڪول جي زماني ۾ اڄ کان 30-35 سال اڳ 1985-90 ڌاري ڏٺو هو پوء وري زندگي ۾ ڏسڻ جو موقعو ئي ڪون مليو آهي. جيتوڻيڪ دل ت اڄ ب چاهيندي آهي ت وڃي ان ميلي جي چيڪلن ۾ چڙهي ڪو ڦرجي ۽ هيٽ مٿي لوڏا کائجن جو هاڻ وڏي هوندي اهڙو مزو لنڊن، آمريڪا ۽ يورپ گهمڻ ۾ ب ڪون ٿو اچي جهڙو مزو ننڍي هوندي پنجاه رپيا کيسي ۾ وجهي ڳوٺان رشيد منڊي جي سوزوڪي يا ڀَٽِي واري بس ۾ چڙهي وڃي سڄو ميلو گهمڻ ۾ ايندو هو! پر ننڍي هوندي جون ان ميلي تي گهمڻ جون کوڙ يادون اڄ ب دل تي تري اچن ٿيون.

ان زماني ۾ اسان ٻارن کي ميلي کان اڳ ميلي جي خبر تڏهن پوندي هئي جڏهن ڳوٺ جي بازار ۾ درسن جون هوٽلون آهستي آهستي بند ٿيڻ شروع ٿينديو هيون، هوٽل سان گڏ ڳوٺ ۾ ڪجه ٻيا دڪان جنهن ۾ ڀت، ڪباب ۽ پڪوڙا وڪڻڻ وارا ب بند ٿيڻ شروع ٿيندا هئا ۽ اهڙي طرح ڳوٺ جي بازار ۾ رونق گهٽجي ڄڻ سُنڃ ٿي ويندي هئي جو اهي سڀ عارضي طور پنهنجا سامان ٻڌي ڪجه ڏينهن لاء سانوڻ فقير جي ميلي تي وڃي ديرو ڄمائيندا هئا ۽ اتي پنهجو هوٽلون وغيره لڳائيندا هئا. جو اتي ڪاروبار سٺو ٿيندو هو ۽ پوء وري ميلو ختم ٿيڻ کان پوء واپس اچي ڳوٺ ۾ پنهجون هوٽلون ۽ ٻيا دڪان کوليندا هئا. يا اهين ب خبر پوندي هئي ت هاڻ ڄڻ ميلو لڳو جو ڳوٺ جي هوٽلن وارا پاڙي مان کٽون پيا گڏ ڪندا هئا ت جئين اهي کٽون هو ميلي ۾ لڳايل پنهجن هوٽلن تي رکي سگهن ۽ ميلو ختم ٿيڻ تي وري واپس ڪندا. امان کٽ ڏيندي کين وڏي پارت ڪندي هئي ت هڪڙو ت کٽ تي گهر جي ڪنهن ٻار جو نالو لکو ت کٽ ڀُلجي ن وڃي ۽ ٻيو جي کٽ جي ايس يا پاڳو ڀڳو ت واڍي کان ٺهرائي ڏيندوَ. هوٽل وارا فلحال ت سڀ ها ها ڪري گهرن مان کٽون کڻي ويندا هئا باقي ميلي تان واپسي تي کٽ سڃاڻپ ۾ ئي ڪون ايندي هئي!

خير ميلو لڳندي ئي اسان جي ڳوٺ جون گاڏيون جيڪي عام طور روٽ تي ٽنڊو محمد خان وينديون هيون سي هاڻ سڀ ڳوٺان ماڻهن مان ڀرجي چينل جي موري کان ساڄي طرف ايوب هوٽل ۽ ٽنڊو محمد خان شهر طرف وڃڻ جي بجائي پنهجو رخ کاٻي پاسي ڦلڪارا شهر طرف موڙي سڌو سانوڻ فقير جي ميلي تي وينديون هيون. ڳوٺ ۾ ڪولهين جي گهرن وٽ مرحوم داد ڪوري جي هوٽل ڀرسان ڳوٺ جي بس اسٽاپ تي سڀني گاڏين وارن جا هوڪا پيا پوندا هئا ت ميلو ميلو ميلو، وڏو چار پيا ننڍو ٻ رپيا ڀاڙو. ڪو بس جي سيٽ تي پنهجو ٽوال يا ڪا ٻي شي رکي پيو پنهجي جاء والاريندو هو ت ڪي وري بس جي ڇت تي چڙهڻ جا سانڀاء پيا ڪندا هئا ت بس جئين ميلي جي ويجهو پهچي ت سڀني کان پهرين سرڪس جا اوچا لڳل تنبوه پهريان اسين ڏسون. بس جي ڇت تان اهي تنبوه ڏسندي ئي مسافرن ۾ هڪ خوشي جي لهر ڇائنجي ويندي هئي، بس ۾ مسافرن جي پيه پيان واري رش ۾ ب سڀني جي چهرن تي خوشي وچان ڏند نڪري ايندا هئا ۽ سڀ گڏجي ميلي جي طرف آڱريون مٿي کڻي وڏي ساري پيا چوندا هئا او اِهو ميلو!

مونکي ياد آهي ت پهريون چڪر ميلي تي آئون، منهجا ڀائر ۽ مون ورو ننڍو مامون ۽ ڪجه پاڙي جا ٻيا ٻار منهجي ناني مرحوم سان گڏ گهمڻ ويا هئاسين. ان زماني ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڌاڙيلن جو وڏو عُروج هو ماڻهون پنهجين گاڏين يا موٽر سائيڪلن جي بجاء ڪوشش ڪندا هئا ت ڪنهن پبلڪ ٽرانسپورٽ واري بس يا سوزوڪي ۾ وڃجي جو انهي جي ڦرڻ جا امڪان نسبتن گهٽ هوندا هئا. ميلي تي پڄندي ئي ايڏو ت تجسس هوندو هو جو ڪجه سمجه ۾ ڪون ايندو هو ت پهرين ڇا ڏسي ڇا ڏسجي؟ هڪڙو ٻار چوندو هو پهرين موت جو کوه ٿا ڏسون، ت ٻيو چوندو هو ن پهرين جادو ٿا ڏسون، ت ٽيون چوندو هو ن پهرين ڦرڻي واري چيڪلي ۾ چڙهي پوء لاهوتي جي شربت ٿا پيون، مون واري ڀاء سهيل کي سدائين تڪڙ هوندي هئي ت پهرين ٻن مونهن واري بلا ڏسون جو اها بند ن ٿي وڃي، مونکي وري شوق هوندو هو ت پهرين بودلو (اهو ڍڳو جنهن جي پٺن مان زبان نڪتل هوندي هئي جيڪو سڄو ڪوڙ هو) ڏسون! اسان ٻارن جو پاڻ ۾ اڃان اهو بهث هليو ئي پئي ت مون واري ناني اسان سڀني جا خواب چڪنا چور ڪري چيو ڇورا ماٺ ڪريو هلو ت اوهان کي پهرين اُٺ، ٻڪريون، ۽ رڍون ٿو ڏيکاريان جو نانون مرحوم پاڻ مال جو شوقين هوندو هو. چوپائي مال واري ان حصي مان جڏهن ٻاهر نڪتاسين ت اسان جي ڪپڙن تي رڍن جي لِم ۽ جوتا ڇيڻن مان ڀرجي چُڪا هئا. دل ۾ گهڻئي پئي ناني مرحوم تي ڏند ڪُرٽياسين پر ڪنهن ٻار ۾ جرئت ڪان هئي ت ناني جي اڳيان هڪڙو لفظ ب ڳالهايون.

خير پوء آهستي ناني هڪ هڪ ڪري اسان کي موت جو کوه، جادوگر، ڳورپٽ ۽ پڃري ۾ بند ٻيا جانور، بودلو، ممتاز سسي، سرڪس وغيره سڀ شيون ڏيکاريون ۽ چيڪلي ۾ ويهاري ڦيراٽيون ب ڏياريون. مونکي شوق هو ت ڦرڻي ۾ لڳل ڪاٺ واري جهاز تي ويهان پر اهو هو ئي هڪڙو جنهن تي ڪو ٻيو وڃي ويٺو هو، منهجي نصيب ۾ ڪاٺ وارو گهوڙو آيو جنهن جو ب هڪڙو ڪن ڀڳل هو!

ميلي جي رش ۾ هلندي ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪو ڳوٺ جو ماڻهون ٿي گڏيو ت هڪ ٻي کي ڏسي ايڏي خوشي پئي ٿيندي هئي جهڙو اسين اڄ ڪله پرديس ۾ ڪينيڊا، آمريڪا، آسٽريليا، يا يورپ وغيره ۾ هلندي اوچتو ڪنهن سنڌي کي ڏسي خوش ٿي ساڻس حال احوال ڪندا آهيون يا بلڪ ان کان ب وڌيڪ. ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ايڏو قرب هوندو هو جو ڳوٺ کان صرف ڏه ٻارنه ڪلوميٽر پري ان ميلي تي ب ويٺا هڪ ٻي کي چانه ماني جي صلاح هڻندا هئا.

اسان منجهند جي ماني کان پوء هڪ سينگاريل هوٽل ۾ ويهي مٺائي، ڪشمش، ۽ ڦُُلا کادا سين، لاهوتي واري شربت ب پيتي. شام جو ملاکڙو ب ڏٺو، رڇ ڪتن جي ويڙه جي ناني ٽڪيٽ پڇا ڪئي ت چيون مٿي پيهي تي چڙهي ڏسو 5 رپيا ۽ هيٺ پٽ تي بيهي ڏسو ت 2 رپيا جيڪا منهانگي هجڻ ڪري ناني ڪون ڏيکاري! ميلي ۾ لڳل اسان جي ڳوٺ جي مامي غلام شاه نظاماڻي مرحوم جي تنبُن يا شاميانن سان لڳل اوطاق تي ٿوري دير ٿڪ ڀڃي واپسي تي ايندي ميلي ۾ هڪڙو همراه هٿ واري وڏي ڪئميرا رکي اڳيان سلطان راهي جي تصوير وارو پڙدو ٽنگي ويٺي هوڪا ڏنئي ت ميلي جا مور اچو واپس ڳوٺ ويندي پنهجو يادگار فوٽو ڪڍرايو. اسان اتي بيهي رهياسين ۽ لڳاسين سوچڻ ت آيا اهو فوٽو ڪڍرائجي يا ن؟ ايتري ۾ ڳوٺ جو مامون تاجن نظاماڻي مرحوم ب ٻارن جي پلٽون ساڻ ڪري اچي اتي فوٽو واري وٽ پوهتو. مامي تاجن فوٽو واري کي چيو ت ابا هن ڇوڪرن جو فوٽو ڪڍ، مامي تاجن سان گڏ آيل ٻار (جيڪي هاڻ سڀ وڏا ٿي پاڻ کي هيرو ٿا سمجهن سو نالا ڪون ٿو کڻان ت متا ڪاوڙجي ن پون) لڳي ويا پنهجا ڪپڙا ٺاهڻ ۾، پاسي ۾ لٽڪيل ٽايون ٻڌڻ ۾ ت ڪن وري ڦڻي ڏئي پنهجا وار سبتا ڪري اڳيان پيل بينچ تي قطار ۾ ويهي فوٽو ڪڍڻ لاء پنهجا پوز هڻڻ لڳا. ڪئيمرا واري ب ڪئميرا مٿان آيل ڪپڙو هٽائي اندر ٻانهن وجهي ڪئميرا کي گرم ڪيو مطلب ت ان پراڻي هٿ واري ڪئميرا جي ڪا سيٽنگ ڪري ڪئميرا کي فوٽو ڪڍڻ لاء ريڊي ڪيو. هاڻ فوٽو نڪرڻ وارو ئي هو ت مامي تاجن فوٽو واري کي چيو بيهي بيهي پهرين اهو ت ٻڌاء پئسا گهڻا لڳندا؟ فوٽو واري چيو رئيس وڏا پئسن جي پرواه ن ڪر چار همراه آهن، 2.5 رپيا في ڪن ڪُل ٿيندا صرف 10 رپيا! جنهن تي مامي تاجن جيڪو پاڻ ڪنن کان ٻوڙو هوندو هو، ٻيو لاهوتي شربت واري جا لائوڊ اسپيڪر تي هوڪا سو پنهجي ڪنن جي پٺيان هٿ ڏئي هڪ دفعو وري پڇيو ت گهڻا پئسا؟ فوٽو وارو چيو رئيس 10 رپيا. مامون تاجن وراڻيو هڻ ڏه رپيا! ڏه رپيا مون واري ڇورن جا مونه ئي ڪون ٿا لهن جو ڏه رپين ۾ فوٽ ٿا ڪڍائين. اڙي ڇورا اُٿو ۽ ٻارن ويچارن فوٽو واري جو پاتل ٽايون لاهي ۽ گلي جو ٻيڙو کولي معصوم مونه ڏک مان هيٺ ڪري بيهي رهيا. جنهن تي مون واري ناني فوٽو واري کي شاندار آفر ڏيندي چيو هاڻ هئين ڪر چار ڇورا تاجن جا ڇه مون وارا ڏوهٽا يڪو هڪڙو گڏي فوٽو ڪڍ ت اسين توکي گڏي ڏه رپيا ڏيون ٿا. جنهن تي فوٽو واري چيو سائين ايترا ڏه ڄڻان مون واري هن مسڪين پراڻي ڪئميرا ۾ گڏ ڪون ايندا! اهين اهو تاريخي فوٽو نڪرندي نڪرندي رهجي ويو ن ت آئون اڄ فيسبڪ تي اوهان پڙهندڙن سان ضرور شيئر ڪريان هئا!

آخر ۾ ميلي مان ڪشمش ۽ مٺائي وٺي رات جو ڳوٺ اچو پهتاسين، بابا گهر وارن کي جهليو ت هي ميلي جي مٺائي واٽر جي ڪِني پاڻي مان ٺهيل هوندي ڪير ن کائي بيمار ٿيندو. وري ب چيائين ت ٿورو مٺائي جو کوکو اورتي ڪريو ت ڀلا گلاب جامن ۽ برفي ت ٽيسٽ ڪرون. اسان ٻي ڏينهن وري سڄي ڳوٺ جي ٻارن جي اڳيان ٻانهن هڻي پيا ٻڌائيندا هئاسين ت وڃ ميلي ۾ ڪو مزو هو ڇا! هي ب ڏٺو هو ب ڏٺو!

بس اهو وقت ويو گذري، اسان ان وقت جا ٻار وڏا ٿي وڃي پرديس وسايو، اهي پيارا بزرگ ماڻهون ب ويا هن دنيا مان موڪلائي، اهي هٿ واريون ڪئميرائن جي جاء تي هاڻ ٽچ موبائل اچي ويا ۽ انٽرنيٽ تي ميلي جا منظر لائيو پيا هلن. ميلا اهي ئي ساڳيان آهن، اسان جي جاء تي اڄ ڪي ٻيا ٻار آهن پر اسان جو ٻالڪ پڻ ڪونهي. ڪنهن صحيح گيت ڳايو آهي ت “دنيا کے میلے کم نہیں ہونگے، مگر افسوس ہم نہیں ہونگے”!

سنڌ جو تاريخي ماڳ “اگهم ڪوٽ” منهجي پاڙي ۾ هوندي ب آئون بي خبر! ….اڄ مون جڏهن گوگل ميپ تي سرچ ڪري ڏٺو ت سنڌ جو تاريخي ماڳ...
02/04/2022

سنڌ جو تاريخي ماڳ “اگهم ڪوٽ” منهجي پاڙي ۾ هوندي ب آئون بي خبر! ….

اڄ مون جڏهن گوگل ميپ تي سرچ ڪري ڏٺو ت سنڌ جو تاريخي ماڳ ‘اگهم ڪوٽ’ ڪٿي آهي؟ سچ پڇو ت مونکي اهو ڏسي تمام وڏي پشيماني ٿي ت سنڌ جو هي تباه ٿيل تاريخي شهر ۽ سندس آثار منهجي ڳوٺ راڄو نظاماڻي ضلع ٽنڊو محمد خان کان صرف 31 ڪلو ميٽر پري يعني تقريبن صرف اڌ، مُني ڪلاڪ جي ڊرائيو تي ڳوٺ گلاب لغاري ڀرسان تعلي ماتلي ضلع بدين ۾ واقعي آهي ۽ وڏو افسوس ٿيو جو مون کي اڄ کان پهرين ان جي هنڌ جي خبر ڪون هئي!

منهنجي ت سدائين اها عادت رهي آهي ت جڏهن ب ڪنهن نئي هند جو ڪٿي ٻڌندو آهيان ت يقدم پهريون ڪم اهو ڪندو آهيان ت ان جڳه کي گوگل ميپ تي ڳولي ڏسندو آهيان ت اهو ڪٿي واقعي آهي ۽ ان جي آس پاس ڇا آهي. پر هي ت محذ هڪ عجيب اتفاق آهي جو مون کي سنڌ جي هن عظيم شهر اگهم ڪوٽ جيڪواڄ کان 1400 سال اڳ 7 سدي جو پراڻو ۽ ان زماني ۾ واپار جو مرڪز وارو شهر جنهن جي هڪ پوري تاريخ آهي ان شهر جي پنهجي پاڙي ۾ ايڏو ويجهو هوندي ب ان جي هند جي خبر ڪون هئي!

هاڻ جڏهن ب پاڪستان ۾ پنهجي ڳوٺ وڃڻ ٿيو ت پهريون ڪم اهو ڪبو جو گلاب لغاري ۾ ڪا سنگت هٿ ڪبي ت ابا ميڪون اگهم ڪوٽ ت ڏکلايو.

اگهم ڪوٽ جي باري ۾ هون ت چچ نامي کان وٺي ٻين کوڙ سنڌ جي تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر آهي پر
مختصر تعارف لاء ڪجه آنلائن لنڪ هيٺ ڏجن ٿا.

https://en.m.wikipedia.org/wiki/Agham_Kot

https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اگهاماڻو-اگهم%20ڪوٽ

مون سان گڏ دبئي گهمو!میرے ساتھ دبئی گہومیں!https://youtu.be/lRZg2K91sm8
02/01/2022

مون سان گڏ دبئي گهمو!
میرے ساتھ دبئی گہومیں!

https://youtu.be/lRZg2K91sm8

Dubai Marina Residence (UAE-United Arab Emirates)

Watch new video “Dubai City Tour” on my Youtube Channel ‘Jameel’s Travel’.منهنجي يوٽيوب چينل “Jameel’s Travel” تي ڏسو نئ...
01/30/2022

Watch new video “Dubai City Tour” on my Youtube Channel ‘Jameel’s Travel’.

منهنجي يوٽيوب چينل “Jameel’s Travel” تي ڏسو نئي
وڊيو “دبئي جي سير”

https://youtu.be/A5_oaRChZZU

Dubai City Tour - Aug 2019

روزناما پنهنجي اخبار (Time News) ۾ ڪيوبا بابت مضمون جيڪو ڪجه ڏينهن اڳ ڇپيل مضمون جو ٻيون ۽ آخري حصو آهي. اميد ت دوست پسن...
01/21/2022

روزناما پنهنجي اخبار (Time News) ۾ ڪيوبا بابت مضمون جيڪو ڪجه ڏينهن اڳ ڇپيل مضمون جو ٻيون ۽ آخري حصو آهي. اميد ت دوست پسند ڪري پنهجي وال تي شيئر ڪندا.

ڪيوبا ۾ مونکي خيرپور جي شهر سيٺارجا جي هڪ ننڍري ڳوٺ فقير محمد رند جي هڪ نوجوان دوست سائين علي حسن رند سان ملي انتهائي خوشي

Address

Calgary, AB

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jameel’s Travel posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share

Category